حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بدفعلي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ ڌرين ڌار ڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان ڏس ۾ لطيف آباد نمبر 12 جي رهواسڻ مسمات سليمه پنهنجي معصوم پٽ سان مبينا طور ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. مسمات سليمه الزام هنيو آهي ته سندن علائقي ۾ رهندڙ هڪ شخص ذيشان ۽ ٻين سندس معصوم پٽ سان ڏاڍائي ڪئي. پٽ سان ڏاڍائي جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي. جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. حد جي پوليس به جوابدارن جو ساٿ ڏئي رهي آهي. هو مسڪين ۽ غريب آهن ان ڪري سندن دانهن ڪوڪ نٿي ورنائي وڃي. هن گهر ڪئي ته پٽ سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ کيس ڪٽنب سميت تحفظ ڏنو وڃي. حيدرآباد جي ڳوٺ سائين بخش ٽنگڙي جي رهواسي ڄام خان علائقي جي هڪ خلاف دانهيو ته زميندار حاجي محبوب عرف محب ٽنگڙي کيس ڳوٺ ۾ اچڻ نه ٿو ڏي. ڳوٺ ۾ سندس زمين ۽ گهر موجود آهي جنهن ۾ سندس گهرڀاتي به رهندڙ آهن. مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. انصاف ڪيو وڃي. مانجهند جي ڳوٺ گل محمد لاشاري جي رهواسين زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن مظاهرو ڪيو. خميسو لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته 14 آڪٽوبر تي هو پنهنجي ٻني ۾ ويٺا هئا ته اتان جي بااثر ماڻهن محبوب ميمڻ، ياسر ميمڻ، علي ميمڻ ۽ ٻين پوليس جي مدد سان سندن زمين تي ڪاهه ڪئي ۽ ٺهيل گهرن کي باهيون ڏئي مال متاع قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. پوليس سندن هڪ همراهه شير دل لاشاري کي پڻ کنڀي کڻي وئي. معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل نوجوان شير دل لاشاري کي آزاد ڪيو وڃي. ڦليلي جي رهواسي جاويد احمد علائقي ۾ منشيات وڪري خلاف دانهيو ته منشيات سميت ٻين سماجي براين کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. بدين جي۾ يونين ڪائونسل زين العابدين، جهنڊو شاخ، قاضيه واهه، روپا ماڙي، فقير لنڊ، ناٿو ۽ شيخاڻي گهاڙي جا رهواسي شامل هئا. احتجاجي مظاهري اڳواڻي ڪندڙ ولي محمد جمالي، حاجي علي محمد پٺاڻ، ڪريم ڏنو سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن علائقا اڳ ئي انتهائي پٺتي پيل آهن. ويتر برسات سندن علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. سندن فصل ۽ علائقا پاڻي هيٺ آهن. سم ناليون به پاڻي نيڪال نه پيون ڪن. هنن علائقي جي غريب ماڻهن جي مالي سهائتا جو به مطالبو ڪيو. خيرپورميرس جي علائقي رسول آباد جي رهواسي فرمان علي چنا پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته 12 مارچ تي هو پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي مان کين بااثر اقبال، شمن، حبدار ۽ سجاد اغوا ڪري مسلسل 7 مهينا قيد ۾ رکيو جتان وجهه وٺي هو فرار ٿيو آهي. واقعي بابت هن هٽڙي ٿاڻي تي دانهيو پر پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. انصاف فراهم ڪيو وڃي.