حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان هٿياربند زميندار کان  8 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد راشد وڳڻ ولد منظور علي وڳڻ مين قاسم آباد روڊ علي پيلس وٽان هڪ بئنڪ مان 8 لک رپيا ڪڍرائي پنهنجي گهر گولڊن پلازه وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار 3 هٿياربند کيس ڦري آيا ۽ کانئس رقم ڦري فرار ٿي ويا. قاسم آباد پوليس پهچي علائقي جو معائنو ڪيو. علائقي مان سي سي ٽي وي فٽيج ڪڍرائڻ جون ڪوششون به جاري هيون. ان کان اڳ هٿياربندن لطيف آباد نمبر 3 ۽ مارڪيٽ جي علائقي مان به ڌاڙا هنيا آهن پر اهي جوابدار به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. ٻئي پاسي ڄامشورو ۾ عبدالصمد ڪانڌڙو جي گهر مان هٿياربند 3 تولا سون، 10 هزار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. سيد آباد ڪالوني ۾ خادم جمالي جي گهران به چور سونا زيور، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا.