حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 12 واري علائقي ۾ سدر ا مسجد سامهون جوهر ڪالوني ۾ 16 سالن جو نينگر علي رضا بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي علي رضا بجلي جي ٿنڀي جي هيٺان ٽيڪ لڳائي موبائيل فون ۾ مصروف هو ته ان دوران علائقي ۾ خراب ٽرانسفارمر جي مرمت ڪري ان کي ٻيهر لڳايو ويو. جيئن ئي ٽرانسفارمر کي چالو ڪيو ويو ته ان دوران ٽرانسفارمر جو ڪرنٽ ٿنڀي ۾ اچي ويو، جنهن سبب علي رضا فوت ٿي ويو.