حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ شيدي ڳوٺ ۾ ٽن  ڏينھن کان بجلي بند ھئڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي علائقي واسين شهباز بلڊنگ وٽ ڪمشنر جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، عمرا سمون ۽ ٻين چيو ته حيسڪو قاسم آباد جي ايس ڊي او ۽ لائين مين پاران شيدي ڳوٺ ۾ رشوت نه ملڻ تي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي جنهن ڪري ٽن ڏينهن کان رهواسي سخت گرمي ۾ بيحال بڻيل آهن. هنن چيو ته بجلي جا بل وقت سر ادا ڪرڻ باوجود بجلي ڪٽڻ واري عمل مان ثابت ٿئي ٿو ته لائين مين ۽ ايس ڊي او شهرين کي مجبور ڪري رهيا آهن ته اهي کين رشوت ڏئي بنا ميٽرن جي ڊائريڪٽ لائينن مان بجلي حاصل ڪن. ايس ڊي او ۽ لائين مين خلاف ڪارروائي ڪري کيس معطل ڪيو وڃي جڏهن ته قاسم آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن بڻائي شيدي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هو حيسڪو چيف جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندا.