حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور بجلي جي ٽرانسفارمرز جي مرمت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. حيسڪو ٽيم پوليس سان گڏجي لطيف آباد ۾ قائم ورڪشاپ تي ڇاپو هڻي 4 ٽرانسفارمر ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي هڪ ڄڻي کي سوگهو ڪري ورتو آهي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته سب ڊويزن علامه اقبال جي ايس ڊي او منظور الاهي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 بسم الله سٽي واري علائقي ۾ قائم ورڪشاپ تي ڇاپو هڻايو. ڇاپي دوران ورڪشاپ مان 200 ڪي وي جا 2 ۽ 100 ڪي وي جا 2 ٽرانسفارمر ۽ اتي پيل ٽرانسفارمر رکڻ واري ٽرالي هٿ ڪري ورتي آهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته ورڪشاپ تان کين هڪ شخص الهڏتو پٽ بشير احمد جٽ هٿ آيو جنهن کي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جنهن کين شروعاتي طور بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ورڪشاپ جو مالڪ شان آرائين آهي. هو رڳو اتي ملازمت ڪري ٿو. ترجمان اها به دعويٰ ڪئي ته سب ڊويزن جي ايس ڊي او پاران فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ورڪشاپ جي مالڪ ۽ گرفتار ڪيل ملازم خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ اليڪٽريشن ۽ غير قانوني طور قائم ورڪشاپ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا ان ڪري غيرقانوني بجلي جا ٽرانسفارمر ٺاهيندڙن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو. ٻئي طرف بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد انهن مالڪ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.