حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي واري علائقي ۾ اسريٰ يونيورسٽي روڊ تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ هڪ شخص فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. هٽڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي 35 کان 40 سالن جي عمر جو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي آهي ان لاءِ سندس فنگر پرنٽس نادرا ڏانهن اماڻيا ويا آهن جنهن جو لاش امانت طور سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو آهي. پوليس موجب فوتي اسريٰ يونيورسٽي تان پيادل گذريو جنهن دوران روڊ ڪراس ڪندي کيس اڻڄاتل گاڏي ٽڪر هنيو ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. علائقي واسين کان اڻڄاتل شخص کي ٽڪر هڻندڙ گاڏي بابت معلومات ورتي پئي وڃي.