حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سومرا برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن پاران مالهي عثمان سومرو جي ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ممتاز سومرو، طيب سومرو، يوسف، احمد سومرو ۽ ٻين چيو ته 15 آڪٽوبر 2021ع تي قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي اوطاق مان مالهي عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش مليو. پورهيت جو قتل ڪيس سندس والد جي فرياد تي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خلاف داخل ڪرايو هو. واقعي جي جاچ سراج لاشاري ڪئي هئي جنهن تي هڪ طرفي جاچ ڪري ٻنهي ڀائرن کي آجو قرار ڏنو جنهن جي جاچ تي کين اعتماد نه آهي ان لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙي ٻيهر عثمان مالهي جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هنن چيو ته نسيم نگر پوليس مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ تي حملي جو ڪيس سومرا ڌر جي 60 کان وڌيڪ ماڻهن تي داخل ڪيو جنهن مان 16 ڄڻا ضمانت رد ٿيڻ بعد جيل ۾ آهن. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته پورهيت به مبينا طور سندن قتل ٿيو ۽ ماڻهو به سندن جيل ۾ آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سومرا ڌر تي داخل ڪيس جلد ختم ڪري گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرڻ سان گڏ مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ خلاف ڪارروائي ڪري پورهيت جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.