حيدرآباد (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي پاران حيدرآباد ۾ قائم اٽي چڪين کي ڪڻڪ جي ڪوٽا فراهم ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري چڪي مالڪ سراپا احتجاج بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري حاجي نجم الدين چوهاڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته کين اطلاع مليا آهن ته خوراڪ کاتي پاران حيدرآباد ۾ قائم 8 فلور ملز کي في مل 3600 ڪڻڪ جون ٻوريون فراهم ڪيون ويون آهن پر فلور ملز پاران اڃا تائين شهرين کي 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽي جي فراهمي ناهي ٿي سگهي. هنن چيو ته اها ڄاڻ به ملي آهي ته ضلعي انتظاميا پاران فلور ملز کي سرڪاري ڪڻڪ ان شرط تي فراهم ڪئي پئي وڃي ته هو شهرين کي سستي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائيندا. في مل 3600 ٻوريون حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل بئنڪ ۾ چالان به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ شهر ۾ قائم 8 فلور ملز کي رڳو 5 ڏينهن جي ڪوٽا 28 هزار 800 ڪڻڪ جون ٻوريون فراهم ٿينديون جڏهن ته مجموعي طور فلور ملز کي جاري 28 لک 80 هزار ڪلو سرڪاري ڪڻڪ في ڪلو 58 رپيا 25 پئسي جي حساب سان فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن بعد هو سنڌ سرڪار جي اعلان 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان شهرين کي اٽو فراهم ڪندا. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ملز مالڪ جيڪڏهن 5 ڪلو وارا ٿيلها ٺاهيندا ته 5 لک 80 هزار 400 ٿيلها تيار ٿيندا جنهن سان شهر ۾ اٽي جي بحران جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي ضابطو به اچي ويندو. اٽي چڪي مالڪن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار جي اعلان تي عمل ڪندي کين به سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا فراهم ڪئي وڃي.