حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ايڌي جي زمين تي قبضي سميت مختلف مسئلن خلاف مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج دوران ايڌي سينٽر حيدرآباد جي انچارج معراج الدين قريشي چيو ته ضلعي انتظاميا قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز کان مدد طلب ڪري سموريون تياريون مڪمل ڪيون ۽ گذريل ڏينهن حددخلين خلاف آپريشن ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي هئي پر هو صبح کان موجود  رهيا پر اڪثر لاڳاپيل کاتن جا عملدار اسپتال جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ نه پهتا. لطيف آباد اينٽي انڪروچمينٽ عملي جا عملدار بنا مشينري جي پهتا جن مشينري گهرائڻ جو چيو جنهن دوران انتظاميا جو رويو ڏسي لڳي ٿو ته اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد کين رڳو لولي پاپ ڏنو هو. عدالتي حڪم باوجود ڪافي عرصي کان ضلعي انتظاميا توڙي لاڳاپيل ادارا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ٻئي پاسي نقاش ولاز ويلئير ايسوسيئيشن قاسم آباد جي اڳواڻن عبدالرحمان پنهور، شعيب بن موسيٰ، زبير، الهه بخش لغاري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته مقامي بلڊر 15 سال گذرڻ باوجود نقاش ولاز ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي جڏهن ته گهرن جي وڪري توڙي ٽرانسفر تي هزارين رپيا کانئن فيون وصول ڪيون پيون وڃن. اسڪول ۽ اسپتال جا پلاٽ وڪرو ڪيا ويا آهن،روڊ، گهٽين، ڊسپينسري، پارڪ، ڪميونٽي هال سميت ڪي به سهولتون فراهم ناهن ٿيل. احتجاج ۽ مطالبي تي بلڊر کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هالا پراڻا جي رهواسڻ زينب زال عبدالغفور پنهنجي معصوم ٻارن عائشه ۽ حب علي ۽ ٻين دانهيو ته هالا ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آءِ غلام حسين ماڇي سندن گهر ۾ گهڙي تشدد ڪيو ۽ گهر تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪئي. دانهڻ تي ڌمڪيون ڏئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.