حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازم اشرف علي چانڊيو دانهيو ته هن سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ٿيندڙ بيضابطگين خلاف اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون هيون جنھن تان مڇرجي انتظاميا سندس خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ هراسان پيا ڪن. ٽنڊو آغا واسي جنيد ڏاهري پيءُ فقير محمد ڏاهري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته قمبر جي رهواسي عبدالغني مستوئي پاران کيس نوڪري وٺي ڏيڻ جي بهاني 12 لک 80 هزار رپيا رقم وٺڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت نه آهي. عبدالغني مستوئي ۽ سندس ڀاءُ جمشيد ڏاهري وچ ۾ پلاٽ جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي پر عبدالغني مستوئي مٿس بي بنياد الزام هڻي ساک متاثر ڪئي آهي جنهن خلاف هو عدالت جو دروازو کڙڪائيندو. چمبڙ جي رهواسڻ لال خاتون ملاح بااثر شخص خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته مور سومري گهر ۾ گهڙي زبردستي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن خلاف پوليس وٽ دانهيو آهي پر پوليس سندس خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. مکي باغ جي رهواسين 8 ڏينهن اڳ ايس ايس پي آفيس ڀرسان 125 موٽرسائيڪل چوري واقعي خلاف خادم حسين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو. ٽنڊو حيدر جي ڳوٺ جمال الدين لاشاري جي رهواسڻ مهرنساءِ مڙس ظلم دانهيو ته سندس مڙس غلام مصطفيٰ نشي جو عادي آهي جيڪو روزانو نشي جي رقم نه ڏيڻ تي مٿس تشدد ڪري ٿو ۽  7 سالن جي نياڻي گل زادي کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي. شڪ آهي ته نينگري کي وڪڻي نه ڇڏي.