حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ايسا يس جي سي ملازمن سميت مختلف ڌرين مظاهرا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني سي بي اي يونين سنڌ بلوچستان 6 سالن کان ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿيڻ خلاف اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. انصاف جفاڪش يونين جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ لاشاري، سيد ساجد حسين، دين محمد جمالي، غلام نبي مغل ۽ ٻين چيو ته ليبرقانون تحت هر ٻن سالن کانپوءِ ڪمپني سي بي اي يونين سان چارٽر آف ڊمانڊ تي ڳالهيون ڪندي آهي پر 2016ع کانپوءِ سوئي سدرن گيس ڪمپني ساڻن چارٽر آف ڊمانڊ تي ڪي به ڳالهيون ناهن ڪيون ۽ نه ئي وري ننڊن ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪرائڻ لاءِ يونين ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران 8 فيبروري تي ڪراچي ۾ جنرل ورڪرز ڪنويشن گهرايو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ بلوچستان جا 7 هزار کان وڌيڪ ملازم شريڪ ٿيندا ۽ اجلاس ۾ مطالبن جي مڃتا تائين تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سيد جڙيل شاهه ڪالوني پراڻي پاور هائوس جي رهواسين نالين جي صفائي نه ٿيڻ خلاف نبي بخش، عبدالرسول،خان محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ايڇ ايم سي ۽ واسا پاران سندن علائقن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان نالين جي صفائي نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري هاڻي گٽر نالن جو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. گندگي سبب عورتون، ٻارڙا توڙي ضعيف گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پريشان آهن.ڄامشورو جي رهواسڻ مسمات سائرا خاتون گهرڀاتين سميت بااثر پوليس اهلڪار خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته ڄامشور ڦاٽڪ تي مقرر اهلڪار دين محمد  سندس مڙس کي ڌمڪائي بنا جواز پئسن جي گهر ڪري ٿو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏي. هن ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي ڄامشور کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن اهلڪار خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي.