حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يونين ڪميٽين ۽ 640 وارڊن لاءِ مجموعي طور تي 4 هزار 194 اميدوارن پاران جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن 26 رٽرننگ آفيسرن پاران اميدوارن جون حتمي لسٽون لڳائڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو جو چوڻ آهي ته فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو 4 ڏينهن اڳ شروع ڪيو هو، جيڪو  19 جون تائين جاري رهيو . هاڻي آر اوز پاران فارم ستون لڳائڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن بعد اهل اميدوار پنهنجا نالا لسٽن مان ڏسي سگهندا. مختلف سبب ڄاڻائي رد ڪيل فارمن بابت به حتمي لسٽ اڄ ئي پڌري ڪئي ويندي. هوڏانهن گذريل ڏينهن قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي توڙي ٻهراڙي واري تعلقي ۾ قائم آر اوز آفيسن ٻاهران ستون فارم لڳائڻ وارو ڪم سست رفتاري جو شڪار بڻيو جنهن ڪري اميدوارن جو وڏو انگ آر اوز جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو.  اميدوارن موجب رات دير تائين حتمي لسٽ پڌري ڪرڻي هئي پر اليڪشن ڪميشن پاران مقرر آر اوز اڃا تائين لسٽون شايع ناهن ڪيون. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي سميت مختلف پارٽين پاران اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ وارو معاملو به رولڙي جو شڪار بڻيل آهي جنهن ڪري اڪثر يونين ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ وارڊن تي هڪ ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ 2 کان 3 يا 3 کان 4 اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن جنهن ڪري خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته لاڳاپيل پارٽين پاران اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪرڻ بعد ڪجهه هنڌن تي ساڳئي پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن مولا بخش چانڊيو، صوبائي وزير ڄام خان شورو، ضلعي صدر صغير احمد قريشي ۽ ٻين وچ ۾ پنهنجن علائقن ۾ يونين ڪميٽين ۽ وارڊن توڙي ٽائونن تي اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ملڻ تي اعتراض واريا ويا آهن جنهن ڪري پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت به اڃا تائين معاملو حل ناهي ڪري سگهي.