حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ گورنمينٽ جامعه عربيه هاءِ اسڪول جي زمين تي مبينا قبضي خلاف استاد ۽ ماسترياڻين جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي استادن محمد علي ڪاظمي، عبدالغفور، فيصل ميمڻ، ماسترياڻين رومانه، نياز بانو ۽ ٻين چيو ته قبضا گروپ اسڪول جي سامهون ۽ ڀرسان ريسٽورينٽ ۽ دڪان ٺهرائي قبضو ڪيو آهي. ريسٽورنٽ ۽ هوٽلز قائم ٿيڻ بعد مالڪن فٽ پاٿ توڙي اسڪول ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪرسيون ۽ ميز رکي ڇڏيا آهن جنهن ڪري اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻار توڙي استادن ۽ ماسترياڻين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي پيدا ٿئي ٿي. هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرايو وڃي.