حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 9 ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن  دوران حيسڪو ٽيم تي مبينا حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مير فضل ٽائون واري علائقي ۾ ايڪسين لطيف آباد ظفر علي سولنگي جي حڪم تي ٽيم پاران غير قانوني بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران مڇريل ماڻهن حيسڪو ٽيم تي حملو ڪري کين يرغمال بڻايو. بي سيڪشن پوليس حيسڪو ملازم سيد محمد خان جي فرياد تي واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ ڊيوٽي اٽڪاءُ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ حملي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.