حيدرآباد ۾ آصفه جي قيادت ۾ چونڊ ريلي: شهيد راڻي جي نياڻي جو جذباتي خطاب

0
240
آصفه جي قيادت ۾ چونڊ ريلي
حيدرآباد ۾ آصفه جي قيادت ۾ چونڊ ريلي: شهيد راڻي جي نياڻي جو جذباتي خطاب

شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ڊرون حادثي بعد ٻيهر چونڊ مهم ۾ انٽري هنئي آهي

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 24 جولاءِ تي ٿي رهيو آهي، آصفه ڀٽو زرداري حيدرآباد پهتي، جتي سندس استقبال ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ آصفه ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ جيالن ريلي ڪڍي، جنهن دوران ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو

شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ريلي کي خطاب دوران مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چوندي رهي، جڏهن ته هُن ڪارڪنن جي نعرن جو جواب به ڏنو