حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پڃاري ٿاڻي جي حد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ آدمشماري جي ٽيم پهچڻ تي علائقي واسين جي ٽيم سان سخت تلخ ڪلامي ٿي پئي جڏهن ته عورتن ۽ ٻار به گهرن مان نڪري آيا، جن ٽيم کي گهيرو ڪري ورتو. چيو پيو وڃي ته پريٽ آباد جي مهاجر مسجد ويجهو اهو واقعو پيش آيو. علائقي واسين ٽيم کي مشڪوڪ سمجهي کين روڪي ورتو. ان دوران ٽيم ۽ علائقي واسين وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي. ماڻهن جي گڏ ٿيڻ سبب عورتون ۽ ٻار به گهر مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ٽيم جو گهيرو ڪري ورتو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق ڪجهه ماڻهن ٽيم تي الرون به ڪيون. واقعي جي اطلاع تي پڃاري پوليس پهچي وئي ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪري ٽيم جي ميمبرن ۽ علائقي جي معززين کي ٿاڻي تي نيو ويو. چيو پيو وڃي ته ماڻهن ۾ آدمشماري جي حوالي سان آگاهي پيدا نه ڪرڻ ۽ علائقي جي پوليس کي بنا اطلاع جي عملي جي پهچڻ سبب اها صورتحال پيدا ٿي. هوڏانهن علائقي جي معززين ۽ شماريات کاتي جي ٽيم جي ميمبرن ۾ صلح ڪرائي واپس موڪليو ويو ۽ ٽيم کي پابند بڻايو ويو آهي ته هو پوليس کي اطلاع بعد پنهنجو ڪم شروع ڪري. حيدرآباد سٽي جي فوڪل پرسن ان واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪئي آهي.