حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽوريٽ آف اٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن آءِ اينڊ آءِ آر جي هڪ ٽيم حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪري ٽيڪس چوري جي الزام هيٺ ھڪ اهم ڪاروباري شخصيت کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ڪاروباري شخصيت دانش ولد نظام الدين  قريشي جعلي ۽ فلائنگ انوائيسز ذريعي ٽيڪس چوري ۾ ملوث هو. سندس نالي سان هڪ ڪمپني رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ هو غريب ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪري ٽيڪس جي معامري ۾ وڏي هيراڦيري ڪري رهيو هو. سندس جعلسازي جي جاچ لاء هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا هن خلاف وڌيڪ ثبوت هٿ ڪري جامع ڪيس داخل ڪندي. ڄاڻايل اداري جي پڌرائي مطابق گرفتار شخص جي غيرقانوني عمل ۽ سرگرمين مطابق ڪيترائي ماڻهو ڳچ عرصي کان ٽيڪس چوري ڪندا رهيا آهن. اهڙن ماڻهن کي به قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ لاء ڪم شروع ڪيو ويو آهي.