حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکيو.ملازمن اسپتالن ۾ ٽوڪن هڙتال ڪري 2 ڪلاڪ او پي ڊيز بند ڪري ڇڏيون.اڳواڻن پير منظور، ڊاڪٽر ڪاشف شر، عبدالغفار رند ۽ محمد شريف پالاري جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان صحت کاتي جا ملازم هيلٿ رسڪ الائونس لاءِ جدوجهد پيا ڪن پر ڪو به سندن تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته نوٽيس نه ورتو ويو ته ايندڙ هفتي کان سنڌ جي مڙني اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪنداسين.