حيدرآباد ۽ ڀرپاسي هاڃيڪار ۽ غيرمعياري مصالحو وڪامڻ جو انڪشاف

0
369
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي هاڃيڪار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ غير معياري مصالحو وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هالاناڪي تي جنرل اسٽور هلائيندڙ نوجوان صابر حسين خانگي ڪمپني خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو

هن الزام هنيو ته سلاوٽ پاڙي ۽ نوراني بستي ۾ قائم مصالحي جون ڪمپنيون غير معياري مصالحو وڪرو پيون ڪن ۽ ڀاڄين توڙي چانورن ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي خراب ٿيو وڃي، جنهن ڪري ڄاڻايل مصالحو ڀاڄين ۾ لڳائڻ دوران ڀاڄيون به خراب ٿيو وڃن ۽ رڳو مصالحي مان گند ڪچرو ظاهر ٿيندو رهي ٿو

\هن چيو ته شڪايتن بعد ڊسٽريبيوٽر چون ٿا ته مصالحو غير معياري ناهي. جڙي ٻوٽي هئڻ سبب هو خراب ٿي وڃي ٿي. دڪاندار موجب ته کانئن مصالحو خريد ڪندڙ شهري شڪايتون ڪن ٿا جنهن بعد ڪمپني جي مالڪن توڙي ڊسٽريبيوٽر وٽ دانهيو آهي پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ لاڳاپيل اختياريون ڪارروائي ڪن