حيدرآباد: ڪرولا ڪار گينگ ۾ شامل ھڪ عورت سوڌو 2 ڄڻا گرفتار

0
279
حيدرآباد: ڪرولا ڪار گينگ

حيدرآباد: حيدرآباد پوليس ڪرولا ڪار گينگ ۾ شامل هڪ عورت سميت ان گينگ جي هڪ ٻئي ميمبر کي به گرفتار ڪري ورتو آھي، گرفتار عورت شريفان عرف لالي ۽  معشوق پسيو شامل آھن

پوليس جو چوڻ آھي تھ عورت ۽ مرد جوابدار جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي، ايس پي هيڊ ڪوارٽر انيل حيدر موجب ان گينگ جو سربراھ مٺو چٽيانا عرف زوار حسين حيدرآباد پوليس سان مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو هو

 سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ فلور مل جي مئنيجر کان ڦر ڪندڙ گروھ جي ٻئي ميمبر عابد عرف ڪريم بخش کي گرفتار ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آھي، ان واردات ۾ ملوث هڪ جوابدار هفتو اڳ مقابلي ۾ مارجي ويو هو

گرفتار جوابدار کان 9 لک رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، حسين آباد جي هڪ واڙي مان ٽي مينهون ۽ ٻيو مال ڪاهي ويندڙ ٻه جوابدا به گرفتار ڪيا ويا

گرفتار جوابدارن ۾ گلزار ڏيپر ۽ غلام مصطفا برفتت شامل آھن، پوليس پاران سڀني جوابدارن کان 6 ملين رپيا روڪ رقم، لکين رپين جي ماليت جا زيور ۽جانور برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ملير: بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر جا جوابدار پڪڙ کان آجا