حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي ٺاهڻ جي منظوري

0
489
حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي
حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي ٺاهڻ جي منظوري

اسلام آباد: مواصلات واري وفاقي وزارت حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي ايم سڪس ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Stakeholders-Consultation-for-Construction-of-Hyderabad-Sukkur-Motorway-MPublic-6-through–Private-Partnership-PPP-1

وفاقي وزير مولانا اسعد محمود جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اجلاس ۾ موٽر وي ايم سڪس جي اڏاوت لاءِ ٺيڪو منظور ڪيو ويو
ميگا پراجيڪٽ تحت 306 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ تعمير ڪيو ويندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي عوام جو پراڻو مطالبو هو، جنهن کي هاڻوڪي جمهوري حڪومت پورو ڪري رهي آهي
اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته موٽر وي ايم سڪس جي تعمير 30 مهينن اندر مڪمل ڪئي ويندي
موٽر وي ايم سڪس تي 15 انٽرچينجز، سنڌو درياهه تي هڪ وڏي پل ۽ واهن تي 82 پلون ٺاهيون وينديون، ايم سڪس تي 6 فلاءِ اوورز ۽ 10 سروس اياز به تعمير ڪيون وينديون

ھي به پڙھندا

لاهور-سيالڪوٽ موٽروي منصوبو منظور: حيدرآباد-سکر موٽروي تعمير قانونسازي سان مشروط

حيدرآباد- سکر موٽروي جو ڪم شروع ڇو نه ٿيو؟: عدالت 17 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ موٽرويز ۽ هاءِ ويز هجڻ جو اعتراف: مستقبل ۾ به گهٽ منصوبا ملندا

حيدرآباد-سکر موٽروي سوڌو مختلف منصوبن جي منظوري