حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار اختيارن جو غيرقانوني استعمال ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن نعيم احمد عباسي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سهيل احمد راجپوت پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ سول سرونٽ رول 1943ع جي آڌار تي لاڳاپيل اٿارٽي جي منظوري کانپوءِ 18هين گريڊ ۾ مقرر ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد نعيم احمد عباسي کي معطل ڪيو ويو آهي جيڪو معطلي بعد سروس جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ کي رپورٽ ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته نعيم احمد عباسي جو معطلي دوران سروس ۽ ٻيا الائونس به بند رهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد کي اختيارن جي غيرقانوني استعمال ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي.