حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ برسات متاثر ماڻهن جي علاج لاءِ صحت کاتي جي سهڪار سان هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي. يونين ڪميٽي 79 ۾ قائم ڪئمپ دوران مليريا، ڊئريا،اکين، چمڙي، زناني ۽ ٻارن جي بيمارين جو علاج ڪندڙ ماهر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ڪئمپ ۾ 450 مريضن جو علاج ڪري کين مفت ۾ دوائون فراهم ڪرڻ سان گڏ ٽيسٽون به ڪيون ويون. ٽيسٽن دوران 17 ڄڻن کي ٽي بي جو شڪ ظاهر ٿيو جڏهن ته ڊينگي جا 5 ۽ مليريا جا به 5 شڪي ڪيس ظاهر ٿيا جنهن بعد متاثر مريضن جون ٽيسٽون ڪيون ويون. ڪئمپ ۾ 109 مريضن جا ايڪسري به ڪيا ويا. ڪئمپ بابت محمد ايوب لاشاري احمد خان عالماڻي ۽ غلام نبي لاشاري جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن بعد متاثرين ۾ پکڙيل بيمارين جي خاتمي لاءِ صحت کاتي جي سهڪار سان ميڊيڪل ڪئمپ منعقد ڪري متاثر مريضن جو علاج ڪرڻ بعد کين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر عابد حسين ساند، ڊاڪٽر فهد، ڊاڪٽر شيراز، ڊاڪٽر صائمه، ڊاڪٽر عروج، ڊاڪٽر شمائلا ۽ ٻين چيو ته ميڊيڪل ڪئمپ ۾ انهن چمڙي، مليريا، ڊائريا سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو آهي جڏهن ته متاثرين کي مرضن کان بچائڻ لاء کين آگاهي ڏيڻ سان گڏ ته ڊينگي ۽ مليريا سميت جي بيمارين جي تصديق لاءِ سندن ٽيسٽون به ڪيون آهن ته جيئن هو اسپتالن تائين پهچي پنهنجو مڪمل علاج ڪرائي سگهن.