حيدرآباد (بيورو ر پورٽ) ڦليلي پوليس مبينا مقابلي ۾ 16 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جي سڃاڻپ منظور عرف ذيشان ڏاڏا جي نالي سان ٿي آهي جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار خلاف ڦليلي، مارڪيٽ، سخي پير، سٽي، ڇلگري ۽ نسيم نگر ٿاڻن تي ڦرلٽ، چورين ۽ پوليس سان مقابلن جا 16 ڪيس داخل ٿيل آهن. ايس ايچ او اياز جو چوڻ آهي ته گشت دوران پوليس پارٽي جو گڊز ناڪي جي سوريا پلازه وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي. ايس ايچ او دعويٰ ڪئي ته جوابدار جي قبضي مان کين ٽي ٽي پستول به مليو آهي جنهن خلاف پوليس سان مقابلي ۽ غيرقانوني اسلحو هٿ اچڻ جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.