حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڦليلي پوليس گشت دوران صدام ماڇي کي ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪيو. جوابدار جو ساٿي اياز عرف ڪالو ماڇي 23 مئي 2023ع تي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ايس پي هيڊڪوارٽر شاهنواز ميمڻ جي سربراهي ۾ ايليٽ فورس هالاناڪي جي علي آباد ڪالوني ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي بٺي مالڪ سهراب ڊومڪي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته بٺي تان کين 300 ليٽر ڪچو شراب مليو. ڀٽائي نگر پوليس ڪرولا ڪار تحويل ۾ وٺي ضمير حسين سيال کي گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار مان کين 13 ڪٽا مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جا مليا آهن. سيري ۽ پٻڻ ٿاڻي جي پوليس سونو خان عالماڻي روڊ تان زاهد جتوئي کي 220 مين پڙين ۽ ببلو دايو کي 100 مين پڙين گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. قاسم آباد پوليس واڌو واهه روڊ تان اسٽريٽ ڪرمنل شهباز جمالي ۽ شوڪت جروار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان کين ٽي ٽي پستول مليو آهي. جوابدار شروعاتي جاچ ۾ ڦرلٽ جي ڏوهن جو اعتراف به ڪيو آهي.