حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مقابلي بعد هڪ ڄڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته آٽو ڀان روڊ تي گشت دوران ٻني شڪي موٽرسائيڪل سوار ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ بدران پوليس تي سڌا فائر ڪيا ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو عابد ماڇي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ته زخمي جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پستول به هٿ آيو آهي جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار خلاف غيرقانوني اسلحي ۽ پوليس سان مقابلي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.