حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوث عورت سميت 12 جوابدارن  کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان موجب ايس ايس پي سماجي برايون نه روڪڻ تي ايس ايچ او نسيم نگر الهڏنو پنهور جي 2 سال سروس گهٽائي ڇڏي آهي. ترجمان موجب راهوڪي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ڪچو شراب وڪڻڻ جي الزام هيٺ مسمات پٺاڻي ملاح، مٺو ملاح کي گرفتار ڪيو. جوابدار غلام سرور ڀٽو کي به 10 ليٽر شراب سميت گرفتار ڪيو. هٽڙي پوليس ڳوٺ صالح ٻاگهل ۾ ڇاپو هڻي رفيق ڇلگري، وسيم ٻاگهل ۽ نور محمد کي گرفتار 50 ليٽر شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. نسيم نگر واري علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي قمر الدين، محمد اسماعيل ملاح، ڪاشف علي، نعمان، محمد حسين ۽ عبدالخالق سيال سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. سندن قبضي مان هزارين رپيا روڪ رقم، آڪڙا پرچون، تاش جا پتا ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا.