حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي جي علائقي مدينا ٽائون ۾ پوليس اٽالن جي گهر تي چڙهائي،  عورتن ۽ مردن تي وحشياڻو تشدد، 3 ڄڻا زخمي، پوليس علائقي واسين جي گڏ ٿيڻ بعد واپس رواني، ان ڏس ۾ مدينا ٽائون ۾ قائم هڪ گهر تي بلديا پوليس اٽالن سان چڙهائي ڪري چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پئمال ڪيو، جڏهن ته پوليس گهر ۾ گهڙي هدايت الله چنا، سندس ڀائٽين عامر چنا ۽ شهمير چنا کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ۾ موجود عورتن مزاحمت ڪئي، جنهن بعد پوليس جي ڏنڊا بردار اهلڪارن گهرڀاتين تي وحشياڻو تشدد ڪيو. ان حوالي سان گهر ڌڻي هدايت الله چنا الزام هنيو آهي ته پوليس جي تشدد ۾ هو ڀائٽين شهمير چنا ۽ عامر چنا سميت زخمي ٿي پيو آهي. هن چيو ته بلديا ٿاڻي جي ايس ايچ او اٽالن سان سندن گهر تي ڪاهه ڪئي. کيس ڀائٽين سميت تحويل ۾ وٺي پوليس موبائل ۾ ويهڻ جو چيو جنهن تي انهن پوليس کان گرفتاري جو سبب پڇيو ته ڏنڊا بردار اهلڪارن کين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ڄاڻايل ٿاڻي جي پوليس سندن گهر تي ڪاهه ڪري نوجوان عامر چنا کي گرفتار ڪيو جنهن بعد کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪرڻ بعد پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪئي جنهن کي ضمانت تي آزاد ڪرايو آهي ته ٻيهر پوليس کيس ڀاءُ ۽ چاچي سميت کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان شهمير چنا جو چوڻ آهي ته ڀاءُ کي بيگناهه هاف فراءِ ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف انهن عدالت سان رجوع ڪيو آهي جنهن ڪري پوليس کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ هراسان پئي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف  پوليس چڙهائي ۽ نوجوانن تي تشدد وارا فٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن.ان حوالي سان بلديا ٿاڻي جي ايس ايچ او ضياد نوناري تصديق ڪندي ٻڌايو ته اها ڪارروائي ڄامشورو جي رهواسي جنيد خرم نالي شخص جي فرياد تي ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته 2 ڏينهن اڳ سندس 125 موٽرسائيڪل ڦرڻ سان گڏ اڻڄاتل ماڻهن ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم به ڦر ڪئي هئي. ايس ايڇ او دعويٰ ڪئي ته موٽرسائيڪل کي ٽيڪر لڳل آهي ۽ ٽيڪر جي نشاندهي تي هو ڄاڻايل گهر تائين پهتا، جتي گهرڀاتين مزاحمت ڪندي اهلڪارن تي تشدد ڪري پوليس موبائيلن کي به نقصان پهچايو. ايس ايڇ او اهو به ٻڌايو ته ڄاڻايل گهر ۾ رهائش پذير نوجوان عامر چنا ڪجهه عرصو اڳ مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو هو.