حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڀٽائي نگر ۽ مڪي شاهه پوليس ڌار ڌار مقابلن ۾ ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر صفدر خان جو چوڻ آهي ته ڄامشورو روڊ المنظر وٽ موٽرسائيڪل تي سوار گروهه سان ساڻن مقابلو ٿيو ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ مٽياري جي ڳوٺ رسول بخش جعفراڻي سان تعلق رکندڙ نظام پٽ قبول جعفراڻي کوسو ۽ منظور پٽ محمد ارباب جنهن جو تعلق ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آبادگار واري علائقي سان آهي. پوليس موجب زخمين جي ڏوهي رڪارڊ جو جائزو ورتو پيو وڃي. هوڏانهن مڪي شاهه پوليس به ڪينٽ قبرستان روڊ وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل ٻن شڪي ماڻهن سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪيو. پوليس موجب زخمي جي سڃاڻپ ممتاز علي جي نالي سان ٿي آهي. سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ايس ايڇ او عطا محمد ڪاڪا موجب ته زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس پاران ڦورن سان ٿيل مقابلي کي ڪافي وقت گذري ويو هو پر پوليس ٽنهي جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ پڌرو نه ڪري سگهي. ذريعن ٻڌايو ته ٽئي ڏوهاري پوليس وٽ گرفتار هئا جن کي مختلف هنڌن تي پهچائي ڄنگهن ۽ ٻانهن ۾ گوليون هڻي مقابلن جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي.