ڪراچي: حيدرآباد پريس ڪلب جي صحافي ڪالوني جي ٽيڪسن ۽ ٻين خرچن جي ادائگي لاءِ گرانٽ جي تجويز منظور ڪئي وئي،  ان ڏس ۾  اطلاعات  واري وزير شرجيل ميمڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته حيدرآباد پريس ڪلب سان لاڳاپيل صحافين جي رهائش لاءِ ڪالوني جي قيام واسطي 75 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي.  پريس ڪلب صحافي ڪالوني جي سي وي ٽي، رجسٽريشن في ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، جنهن تي روينيو واري وزير مخدوم محبوب چيو ته اسان وٽ ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي گنجائش ناهي، هن تجويز ڏني ته ڪابينا پريس ڪلب کي صحافي ڪالوني جي ٽيڪسن جي  ادائگي لاءِ گرانٽ ڏئي، جنهن بعد ڪابينا  گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.