حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ اسٽاف 10  سالن کان وڌيل پگهارون نه ملڻ خلاف اسڪول جي پرنسپل جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ عورت ٽيچرز به شامل هيون. احتجاج ڪندڙ پبلڪ اسڪول جي اسٽاف ۽ استادن آءِ بي اي سکر جي انتظاميا خلاف نعريبازي به ڪئي. مظاهرين ٻڌايو ته سنڌ سرڪار طرفان ساندهه سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون ويون آهن پر پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ اسٽاف کي اهي وڌيل پگهارون 10 سالن کان نه مليون آهن جنهن جي ڪري پبلڪ اسڪول جا ملازم سخت معاشي بحران جو شڪار آهن. رٽائرڊ ٿيل استادن کي پينشن ۽ ٻيون مراعتون به نه پيون ڏنيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته استادن ۽ اسٽاف کي وڌيل پگهارون ڏئي پرنسپل پاران ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي