حيدرآباد( بيورو رپورٽ) پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي شعبان وسطڙو، اشوڪ ڪمار، سراج ابڙو ۽ ٻه چيو ته ستن مهينن کان لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهيون پر آءِ بي اي سکر مطالبا تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،وڌايل پگهار، رهتون ۽ پروموشن ملازمن جو بنيادي حق آهي پر ڪمشنر ٽي دفعا اسڪول جي پرنسيپل سان ڳالهين لاءِ گهرائي ملاقات به نه ڪئي آهي هنن الزام هنيو ته سنڌ سرڪار ملازمن ۽ استادن کي رهتن لاءِ پبلڪ اسڪول جي انتظاميا کي ڪروڙين رپيا جاري ڪيا پر اهي به پرنسيپل مبينا طور خرد برد ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته آءِ بي اي سکر پبلڪ اسڪول جي معاهدي دوران 50 ڪروڙ رپيا رهتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر اها رقم به کين اڃا تائين نه ملي سگهي آهي هنن مطالبو ڪيو ته آءِ بي اي سکر سان معاهدو ختم ڪري 2013ع کان 2021ع تائين پگهارون اپڊيٽ ڪرڻ سان گڏ پروموشن ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا.