حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قائم ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيس مان قيمتي وڻ وڍرائڻ واري معاملي جو ٽرانسپورٽ کاتي نوٽيس وٺندي آر ٽي اي پرويز قريشي کي عهدي تان هٽائي ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته کاتي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي حيدرآباد جي اضافي چارج آر ٽي اي بدين وحيد پنهور حوالي ڪندي سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو. 2 ڏينهن اڳ آر ٽي اي سيڪريٽري ڪافي عرصي کان آفيس ۾ بيٺل 30 کان وڌيڪ نم جا قيمتي وڻ مبينا طور بنا منظوري جي ٺيڪيدار کي لکين رپين ۾ وڪرو ڪيا هئا. ذريعن موجب ته ٺيڪيدار ٻه ڏينهن لڳاتار وڻ وڍرائي ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڪاٺ کڻايو پئي. ته ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس ورتو. ذريعن موجب ضلعي انتظاميا جي نوٽيس وٺڻ باوجود آر ٽي اي رات دير سان ٻيهر آفيس ۾ پيل ڪاٺ ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي ٻيهر انتظاميا پاران سندس لاڳاپيل کاتي سان رجوع ڪيو ويو جنهن بعد کاتي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن وڻ دشمن آر ٽي اي پرويز قريشي دعويٰ ڪئي هئي ته ڄاڻايل وڻ آفيس کي نقصان ڏئي رهيا آهن ان لاءِ هن کاتي جي اجازت بعد وڻ وڍرائي آفيس ميدان ڪري ڇڏي آهي پر آر ٽي اي وٽ دعويٰ باوجود کاتي پاران منظوري جو ڪو به ليٽر موجود نه هو.