حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ويجهو بهاول زنئور واري علائقي مان نوجوان پراسرار نموني کنڀجي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 20 سالن جي ظفر علي پٽ عبدالرحيم جهانجهڻجو کي ڪار ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو کنڀي ويا آهن. کنڀجي ويل نوجوان جي سئوٽ غلام شبير جهانجهڻجو موجب سندس سئوٽ ظفر علي پنهنجي هڪ دوست فهيم ڪنڀار سان گڏ بهاول زنئور مان پيٽرول ڀرائي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ حاجي سجاول جهانجهڻجو ڏانهن واپس پئي آيو ته رستي ۾ ڪاري رنگ جي ڪار ۾ سوار ماڻهن کين روڪيو جن ۾ هڪ ڄڻي کي پوليس وردي پاتل هئي جنهن سندس سئوٽ ظفر علي کي زبردستي موٽرسائيڪل تان لاهي پاڻ سان گڏ ڪار ۾ ويهاري ٽنڊو قيصر ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ وٺي فرار ٿي ويا، پٻڻ پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل نوجوان جي وارثن ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته ظفر علي کي 25 مئي تي شام جو بهاول زئونر وٽان کنيو ويو آهي، جنهن بابت سمورن ٿاڻن تي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي پر اڃا تائين سندس ڪٿان به پوليس پاران گرفتاري جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.