حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي ممتاز ڪالوني جي رهواسي بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج دوران محمد وسيم ۽ ٻين چيو ته سندن علائقي ۾ 25 ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙڻ سبب بجلي بند پيل آهي. حيسڪو عملو سڙيل  ٽرانسفارمر مرمت لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي پر ان جي مرمت ڪرڻ توڙي بدلي ۾ ٻيو ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ عملدار تيار نه آهن. هنن چيو ته سندن ڪالوني جا ماڻهو هر مهيني بجلي جو بل وقت سر ادا ڪن ٿا. ٽرانسفارمر جي مرمت حيسڪو جي ذميواري آهي پر حيسڪو جا عملدار کانئن ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ 50 هزار رپيا رشوت پيا طلب ڪن ۽ نه ڏيڻ تي انهن سندن علائقي جي بجلي اڃا تائين بحال ناهي ڪئي. رهواسين جي احتجاج بعد ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند هئڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند پيل هئي جنهن بعد لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.