دادو ( رپورٽر) خزانه آفيس حيدرآباد ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ گهربل ماڻهن جي گرفتاري لاء نيب ڪراچي جي ٽيم دادو پهچي وئي. نيب ٽيم اي سيڪشن جي پوليس سان گڏ ڳوٺ لعل بخش پنهور ۾ جانڻ پنهور ، گل محمد پنهور جي گهرن تي ڇاپا هنيا پر جوبدار نيب ٽيم کي هٿ نه آيا، جانڻ ۽ گل محمد جي مائٽن نيب ٽيم کي ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا جوهي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ رنگ جي ڪم تي ويل آهن، بعد ۾ نيب جي ٽيم بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ساڻ ڪري بس اسٽاپ ڀرسان ممتاز بوزدار جي گرفتاري لاء ڇاپو هنيو پر اهو به کين هٿ نه آيو ، نيب جي ٽيم کي ٻڌايو ويو ته ممتاز حيدرآباد ۾ رهندو آهي هت ناهي هوندو ، نيب ٽيم جي عملدارن ٻڌايو ته جانڻ جي اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ ۽ گل محمد جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 7 ڪروڙ ۽ ممتاز بوزدار جي اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ روپين جي منتقلي ٿي آهي ، ان ريفرنس ۾ گهربل ٽنهي ماڻهن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا آهن، سال 2013 دوران نيب 400 کان وڌيڪ ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽن ذريعي ٽريزري آفيس حيدرآباد مان 3، ارب روپين کان وڌيڪ رقم جي ٽرانزيشن ٿيڻ جو ريفرنس داخل ڪيو هو.داخل ڪيل ريفرنس ۾ 170 ، کان وڌيڪ ماڻهن جو تعلق جوهي ۽ دادو سان آهي ، اعجاز ڏاوڇ سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهون نيب تحويل ۾ آهن.