حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يونين ڪاميٽين ۽ 640 وارڊن تي پيپلزپارٽي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ناهي ڪري سگهي جنهن ڪري مختلف يونين ڪاميٽين، ٽائون توڙي وارڊن ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوار ٻڏتر جو شڪار آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته رات دير تائين قاسم آباد، تعلقي ٻهراڙي، لطيف آباد ۽ سٽي تعلقي ۾ پ پ پاران اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻيون هيون پر معاملو اڄ تائين التويٰ جو شڪار بڻجي ويو آهي. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي مختلف اميدوارن ۽ سندن حامين پاران پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تي ٽڪيٽون ملڻ بابت بحث مباحثا به هلندڙ هئا پر پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ توڙي بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ٽڪيٽون ملڻ بابت تصديق نه ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي تڪ ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪندو جڏهن ته صوبائي وزير ڄام خان شورو به پنهنجن اميدوارن جي ٽڪيٽن جو اڄ ئي اعلان ڪندو. اهڙي ريت لطيف آباد تعلقي ۾ پيپلزپارٽي پاران ايم پي اي عبدالجبار خان ۽ سٽي واري تعلقي ۾ ضلعي صدر صغير احمد قريشي معرفت اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ سندن نالن جو اعلان ڪرڻ جا امڪان آهن. پيپلزپارٽي پاران اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري نه ڪرڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ هڪ کان وڌيڪ اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن جن بابت به ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اميدوار ٽڪيٽون ملڻ بعد اڄ ئي هڪٻئي جي حق ۾ هٿ کڻي ويندا.