حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن جي مختلف 10 تڪن تي اڄ ضمني چونڊ ٿي رهي آهي. ڊي آر او محمد يوسف مجيداڻو مطابق 5 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ مختلف يونين ڪميٽين جي 5 وارڊن تي ڪائونسلرن جي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي. جن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي چونڊ ٿيندي انهن ۾ يوسي 5، يوسي 17، يوسي 137، يوسي 118 ۽ يوسي 119 شامل آهن. يوسي 30 جي وارڊ نمبر 2، يوسي 58 جي وارڊ نمبر 4، يوسي 89 جي وارڊ 3، يوسي 94 جي وارڊ نمبر هڪ ۽ يوسي 119 جي وارڊ نمبر 4 تي به ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ چونڊ عمل ٿيندو. مختلف سببن جي ڪري انهن يونين ڪميٽين جي مختلف عهدن تي چونڊون نه ٿي سگهيون هيون. انهن يونين ڪميٽين ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 45 هزار 87 آهي جن ۾ 24 هزار 551 مرد ۽ 20 هزار 536 عورت ووٽرز شامل آهن. مجموعي طور 37 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ مردن لاءِ 11، عورتن لاءِ 11 ۽ گڏيل طور 15 پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. انهن پولنگ اسٽيشنن جا مجموعي طور 115 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته 37 پرزائيڊنگ آفيسرن، 122 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ 115 پولنگ آفيسرن کي سامان ڏئي پولنگن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. پولنگ جي لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.