حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يوسيز تي چونڊيل 955 ميمبرن مان 929 ميمبرن پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حلف کڻڻ لاءِ نه پهتا. چئني تعلقن ۾ حلف برداري لاءِ ڌار ڌار تقريبون رکيون ويون جتي 160 مان 159 يوسيز جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ 640 وارڊن مان 637 وارڊن تي چونڊيل ڪائونسلرن کان حلف کڻايو ويو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو جو چوڻ آهي ته يوسي هڪ کان 18 جي چونڊيل نمائندن کان نول راءِ هاءِ اسڪول ۾ حلف کڻايو ويو. يوسي 19 کان 36 جي ميمبرن ڊگري ڪاليج پريٽ آباد ۾ عهدي جو حلف کنيو. اهڙي ريت يوسي 37 کان 54 جي ميمبرن جي حلف برداري واري تقريب خورشيد بيگم ڊگري ڪاليج ۾ ٿي. يوسي 55 کان 70 جي ميمبرن نور محمد هاءِ اسڪول ۾ حلف کنيو. يوسي 71 کان 87 جا ميمبر ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس پهتا جتي کين حلف کڻايو ويو. اهڙي ريت يوسي 88 کان 106 جي ميمبرن جي تقريب اي سي لطيف آباد جي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي. يوسي 107 کان 124 جي ميمبرن اي سي سٽي جي آفيس ۾ حلف کنيو. يوسي 125 کان 142 جا ميمبر پبلڪ اسڪول ۽ يوسي 143 کان 160 جي ميمبرن حيدرآباد ڪلب ۾ حلف کنيو. يوسف مجيداڻو موجب ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن سان سلهاڙيل 159 يوسيز ۽ 637 وارڊن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جو تعداد 955 آهي جن مان لاڳاپيل هنڌن تي 929 ميمبر پهتا جن حلف کنيو جڏهن ته 26 ڄڻا حلف کڻڻ لاءِ ناهن پهتا. اهي ڪهڙي سبب جي ڪري نه آيا ان بابت لاڳاپيل هنڌن تي مقرر عملو کين اڄ تفصيل فراهم ڪندو.