حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ڪيس ۾ جوابدار کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ۽ موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هڻڻ، زخمي ڪرڻ واري ڪيس مان جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر هڪ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار خادم رند کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. هوسڙي پوليس ڪجهه مهينا اڳ جوابدار کي ڏيڍ ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري عدالتي حڪم تحت جيل اماڻيو. ٻئي طرف ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار ڊاڪٽر عبدالطيف قريشي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، جوابدار خلاف راهوڪي ٿاڻي تي 17 جولاءِ 2021ع تي عبدالڪريم انڙ نالي شخص لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هو پنهنجي هڪ عزيز سان عثمان شاهه اسٽاپ وٽان موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ڪار ۾ سوار جوابدار عبداللطيف قريشي پويان کان سندس موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن دوران ٻئي ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.