حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿيل ڄامشورو واسڻ 14 ورهين جي نينگري جو 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. سندس والد مارڪيٽ ٿاڻي تي غفار ۽ سندس ساٿين تي ڌيءُ جي مبينا طور اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڀريا وليج ڄامشورو جي رهواسي امام ڏنو خاصخيلي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سندس ڌيءُ افروز خاصخيلي 18 جولاءِ تي ساڻس گڏ ٽاور مارڪيٽ آئي هئي جتي هن گهر جو سيڌو سامان ورتو ۽ بعد ۾ پنهنجي ڌيءُ کي هڪ هوٽل سامهون بيهاري سامان کڻڻ لاءِ ويو ۽ واپس وريو ته سندس نياڻي اتان گم هئي. پوليس موجب درخواست گذار جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي مبينا طور هوٽل تي ويٺل غفار پنهنجي ساٿين سميت مبينا طور اغوا ڪري ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رپورٽ داخل ڪرڻ بعد انهن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃا تائين نينگري جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. ٻئي طرف نينگري جي والد ايس ايس پي حيدرآباد کي پڻ درخواست ڏني آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته افروز کي مبينا طور اغوا ٿئي 15 ڏينهن گذري ويا آهن پر مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس اڃا تائين سندس ڳولا ناهي ڪئي ۽ نه ئي پوليس الزام هيٺ آيل ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته سندس ڌيءُ جي بازيابي يقيني بڻجي سگهي.