حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پٺاڻ ڪالوني ۾ پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ايس ايس پي حيدرآباد کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 13 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنجهوري واسي رٽائرڊ استاد ولي محمد ڏهيو وڪيل امتياز چانهيو معرفت درخواست داخل ڪرائي ته سندس پٽ پيٽارو ۾ رهائش پذير ماسي وٽ ترسيل هو. 15 جون 2020ع تي پٽ علي رضا ڏهيو پٺاڻ ڪالوني ۾ سالي شهريار عرف شيري سان گڏ ويٺل هو جتان کيس بلديا پوليس تحويل ۾ وٺي ٿاڻي کڻي وئي هئي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪئي. وڪيل دليل ڏنا ته نوجوان علي رضا سان گڏ پوليس هٿان کنڀيل شهريار عرف شيري کي بعد ۾ ڇڏيو ويو پر پٽيشنر جو پٽ اڃا تائين غائب آهي.