حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 12 مان شادي شده ناري معصوم ڌيءِ سميت ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي وئي پر پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل آهي مبينا طور گم ٿيل ناري طوبا يوسفزئي جي والده رخسانا يوسفزئي جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءِ طوبا 10 ورهين جي ڏوهٽي مصباح سان گڏ خريداري لاءِ بازار وئي جتان 25 جولاءِ تي پراسرار نموني گم ٿي وئي آهي ناري جي والده پاران ڌيءِ جي گمشدگي بابت سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سندس الزام آهي ته دانش ميواتي نالي شخص سندس ڌيءِ طوبا کي ڏوهٽي سميت مبينا طور ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي قيد ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ پوليس سندس ڌيءِ جي ڳولا ۾ مدد فراهم ڪندي دانش نالي شخص خلاف ڪاروائي کي يقيني بڻائي اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته انهن به سوشل ميڊيا تي نياڻي جي گمشدگي بابت عورت رخسانا جي وڊيو ڏٺي آهي پر هن اڃا تائين ٿاڻي پهچي واقعي بابت ڪا به رپورٽ داخل نه ڪرائي آهي, پوليس موجب وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انهن ناري توڙي الزام هيٺ آيل شخص جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.