حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي مان پراسرار نموني اغوا ڄاڻايل نينگري کي پوليس ڪراچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايڇ او غلام حيدر پنهور جو چوڻ آهي ته 15 ورهين جي چندا ڌيءُ مالو مهاراج کي ڪراچي مان گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي حيدرآباد منتقل ڪيو، الزام هيٺ آيل نوجوان هٿ ناهي اچي سگهيو. 12 آگسٽ 2022ع تي انڊس ڊائمنگ مل مان پورهيو ڪري پنهنجي ڀيڻ سونا سان گڏ واپس پنهنجي گهر ويندي ڪار ۾ سوار ماڻهو چندا کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. 17 سيپٽمبر تي سائيٽ پوليس واقعي جو ڪيس سندس ماءُ شريمتي آمري زال مالو مل مهاراج جي فرياد تي جعفرآباد ضلعي جي اوستا محمد جي ڳوٺ محمد عالم مگسي سان تعلق رکندڙ شمن علي مگسي پٽ حضور بخش مگسي سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ چندا جي والده ڄاڻايو ته سندس ڌيءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي. لاڳيتو نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج پئي ڪيو. ايس ايڇ او غلام حيدر پنهور جو چوڻ آهي ته چندا ڪراچي جي هڪ مدرسي ۾ اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو اقرا رکڻ بعد 30 سيپٽمبر تي نوجوان شمن علي مگسي سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، کين سنڌ اسلام جو سرٽيفڪيٽ ۽ نڪاح نامي جي ڪاپي به موصول ٿي آهي. نينگري سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ بيان لاءِ پيش ڪيو ويو. عدالت کيس هڪ ڏينهن لاءِ سيف هائوس موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڄ ٻيهر نينگري کي 164 جي بيان لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چندا جي بازيابي بااثر شخص جي معرفت عمل ۾ آئي آهي. نڪاح نامي ۾ چندا جي عمر 19 سال لکرائي وئي آهي پر سندس مائٽن ڄاڻايو آهي ته هو 15 سالن جي آهي. پوليس ذريعن اهو به ٻڌايو ته چندا جنهن نوجوان سان شادي ڪئي آهي اهو ساڻس مل ۾ گڏ مزدوري ڪندو هو ۽ کيس اغوا به نه ڪيو ويو هو. هوءَ رضا خوشي سان نوجوان سان گڏ ڪراچي رواني ٿي هئي.