حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ھوسڙي ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد صديق سولنگي جي قبرستان مان پاڻي نيڪال  نه ٿيو، رهواسي برسات جي پاڻي مان لاش اڪارڻ تي مجبور، ان ڏس ۾ هوسڙي ڀرسان قائم ڳوٺ حاجي محمد صديق سولنگي جي سيد جمن شاهه قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ماڻهن کي مرده قبرستان تائين کڻي وڃڻ ۽ مرده دفنائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ڄاڻايل ڳوٺ جو هڪ نوجوان علي شير ولد محمد جمن سولنگي گردن جي بيماري سبب فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش به برسات جي پاڻي مان اڪاري قبرستان نيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد اسلم سولنگي، ارشد علي، محمد عالم سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتن سبب سندن قبرستان پاڻي ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي ڪري کين پيارن جا مڙهه قبرستان تائين کڻي وڃڻ ۽ انهن کي دفنائڻ ۾ سخت پريشاني ٿئي ٿي. هنن ٻڌايو ته برسات هفتو اڳ رڪجي وئي پر پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري اڃا تائين 3 فٽ پاڻي قبرستان ۾ بيٺل آهي. شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.