حيدرآباد: عدالت جو لاپتا ٿيل نوجوان کي 10 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

0
193
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٽنڊو آغا مان پراسرار طور لاپتا ٿي ويل نوجوان کي 10 ڏينهن اندر بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

مسمات ڪنيز بانو وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته پٽ سجاد هاليپوٽو کي 4 جولاءِ 2021ع تي اڻڄاتل ماڻهو گهران سڏي پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنهن جو 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي.

عدالت ڊي ايس پي ڦليلي ۽ جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هن وقت تائين نوجوان جي ڳولا لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا.

هنن عدالت کي آگاهي ڏني ته نوجوان جي فون جو سمورو رڪارڊ هٿ ڪري شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي کائن پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.

عدالت جو حڪم ڏنو ته 10 ڏينهن اندر نوجوان جي ڳولا کي يقيني بڻائي کيس 5 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.