حيدرآباد: ضمانت رد ٿيڻ تي ايم ڊي سائيٽ ڪراچي ساٿي سان گڏ کسڪي ويو

0
220
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ايم ڊي سائيٽ ڪراچي ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ جي پي ڊي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، ٻئي ڄڻا ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان کسڪي ويا، اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو پاران داخل ڪرپشن جي ڪيس مان ايم ڊي سائيٽ لميٽڊ ڪراچي عبدالرشيد سولنگي ۽ سي اي ٽي پي پروجيڪٽ جي ڊپٽي پروجيڪٽ عملدار آغا عبدالمنيم مغل ڪجهه ڏينهن اڳ عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن جي ضمانت لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد ٻئي عملدار عدالتي احاطي مان کسڪي ويا، ٻنهي عملدارن تي اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو 2019 دوران ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو هو، اينٽي ڪرپشن پوليس الزام هنيو ته جوابدارن ڄاڻايل پروجيڪٽ ۾ 78.280 ملين رپيا ڪرپشن ڪئي آهي.