حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ضلعي ۾ 11 ڏينهن دوران ڊائريا جا 4639 مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن. انهن مريضن ۾ 1678 مريض 5 سالن کان وڏي عمر ۽ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 2961 مريض شامل آهن. صحت کاتي جي ذريعن موجب 21 جولاءِ تي مجموعي طور 516، 22 جولاءِ تي 371، 23 جولاءِ تي 461، 24 جولاءِ تي 173، 25 جولاءِ تي 308، 26 جولاءِ تي 528، 27 جولاءِ تي 580، 28 جولاءِ تي 546، 29 جولاءِ تي 423، 30 جولاءِ تي 477 ۽ 31 جولاءِ تي 256 مريض ڊي ايڇ او جي انتظام هيٺ هلندڙ ضلعي جي اسپتالن ۾ رجسٽرڊ ٿيا. سول اسپتال حيدرآباد ۽ ٻين خانگي اسپتالن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جا الڳ مريض داخل ٿيا. حيدرآباد ۾ ڊائريا جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن جي ڪري ٻار وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.