حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي حيدرآباد شهر، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي مختلف روٽس تي سوزوڪين جي سروس شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جن روٽس جي منظوري ڏني وئي آهي انهن ۾ گدو چوڪ کان نسيم نگر وايا ڀٽائي اسپتال، لطيف آباد نمبر 11، مهر علي اسڪيم، خدا حافظ بورڊ نمبر 8، ڪوهسار/ دامن ڪوهسار، راجا ڪي ڪوٺي، الله واري مسجد، لطيف آباد نمبر 7، نئين پل، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ، پوليس لائين، ٽاور مارڪيٽ، سينٽرل جيل، هنڊا شوروم وارا روٽس شامل آهن. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته انهن روٽس تي ڪو به اسٽاپ نه هوندو ۽ انهن روٽس تي اهي گاڏيون هلي سگهنديون جن وٽ روٽ پرمنٽ موجود هوندي.