اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڪنڪ پاران مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي. ڪالهه ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڪنڪ پاران 24.96 ارب ماليت جي لئي ايڪسپريس وي، فلڊ چينل منصوبي جي زمين جي خريداري جي منظوري ڏني وئي، منصوبي تحت 750 ڪنال ايراضي رائٽ آف وي لاءِ خريد ڪئي ويندي، ايڪنڪ راولپنڊي رنگ روڊ آر 3 ڪيرج وي منصوبي جي به منظوري ڏني، 6 لين جو 38.3 ڪلو ميٽرن جو منصوبو 23.60 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويندو.ايڪنڪ 191 ارب 47 ڪروڙ لاڳت سان حيدرآباد کان سکر موٽروي جي به منظوري ڏني، 6 لين جي 306 ڪلو ميٽرن تائين موٽر وي منصوبو بلٽ آپريٽ ٽرانسفر بنيادن تي تعمير ٿيندو. ايڪنڪ ڏکڻ پنجاب ۾ غربت گهٽائڻ لاءِ 25 ارب رپين جي منصوبي جي پڻ منظوري ڏني.